تازه ترين

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ  جي “فائنل ڪال” ناڪام ٿي وئي

اسلام آباد ۾ پي ٽي آءِ  جي “فائنل ڪال” ناڪام ٿي وئي، بشريٰ بيبي ۽ علي امين گنڊاپور  ڪريڪ ڊائون شروع ٿيندي ئي ڪارڪنن کي ڇڏي مانسهرا فرار ٿي ويا، جڏهن  ته پي ٽي آءِ جي پرتشدد احتجاج ۾ افغان شرپسندن جي ملوث هجڻ جا واضح ثبوت ملي ويا.

رات دير سان قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪريڪ ڊائون بعد پي ٽي آءِ جي فائنل ڪال بري طرح ناڪام ٿي وئي، بشريٰ بيبي ۽ ڪي پي جو وڏو وزير ڪارڪنن کي اڪيلو ڇڏي فرار ٿي ويا ۽ مانسهرا پهچي ساهي پٽي.

ڪريڪ ڊائون بعد پي ٽي آءِ اسلام آباد وارو  احتجاج ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو.

وڳوڙين خلاف آپريشن کانپوءِ شهر جي مختلف رستن تان ڪنٽينر هٽائڻ ۽ صفائي جو ڪم شروع ڪيو ويو.

ڪريڪ ڊائون بعد ڪيترائي احتجاج ڪندڙ پنهنجون گاڏيون ڇڏي هلي ويا، ڪيتريو نئي گاڏيون جناح ايونيو تي ڇڏي بيٺل آهن، جن مان ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان پڻ پهتو آهي.

پوليس موجب گاڏين جي مالڪن تي به سهولتڪاريءَ جو ڪيس داخل ڪيو ويندو.

هوڏانهن پي ٽي آءِ جي پرتشدد احتجاج ۾ افغان شرپسندن جي ملوث هجڻ جا واضح ثبوت ملي ويا آهن.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي پرتشدد احتجاج دوران وڏي پئماني تي شرپسندن کي گرفتار ڪيو ويو.

سڪيورٽي ذريعن موجب  ستن ڏينهن ۾ گرفتار 610 شرپسندن ۾ 37 شرپسند به شامل آهن، 39 هٿيار هٿ ڪيا ويا، جن ۾ جديد هٿيار به شامل آهن.

پرتشدد مظاهرن دوران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا 170 اهلڪار زخمي ٿيا، پوليس جي 22 گاڏين کي نقصان پهچايو ويو، هڪ جيل وين کي به باهه لڳائي وئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون