تازه ترين

اسيمبليون ٽٽڻ جي ٻن يا ٽن ڏينهن اندر نگران وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي چونڊ  ٿي ويندي: ناصر شاهه

مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته اسيمبليون ٽٽڻ جي ٻن يا ٽن ڏينهن اندر نگران وزيراعظم ۽ وڏي وزير جي چونڊ  ٿي ويندي، مصروفيتن سبب نگران سيٽ اپ لاءِ گڏجاڻي ناهي ٿي سگهي، پي ٽي آءِ چيئرمين جيڪو پوکيو اهو ئي لــُـڻي رهيو آهي.

ناصر شاهه سکر ۾ پهرين انجنيئرنگ يونيورسٽي افتتاح ڪيو.

ان موقعي تي ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته سکر دائود يونيورسٽي جي سهڪار سان انجنيئرنگ يونيورسٽي قائم ٿيڻ سان نوجوانن کي معياري تعليم ملندي،  شاگرد پنهنجي ئي شهر ۾ بهترين تعليم حاصل ڪري سگهندا.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي گهڻو اڳ ئي گرفتار ٿيڻ گهرجي ها، طاقتور ڌريون هن وقت ايَ پوليٽيڪل آهن.

ناصر شاهه چيو ته عام چونڊن ۾ پ پ سنڌ مان ڪلين سوئپ ڪندي

صوبائي وزير چيو ته سي پيڪ منصوبي ۾ نئون ٽريڪ شامل ڪيو پيو وڃي، نااهل حڪومت اسڪيمون روڪي ڇڏيون هيون.

ناصر شاهه چيو ته عام چونڊن ۾ گهڻي دير نه ٿيندي، پ پ جو سنڌ ۾ مقابلو بيروزگاري، غربت ۽ برائين سان آهي، هزارا ايڪسپريس حادثي تي ڏک پهتو

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,160FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
scattered clouds
26.3 ° C
26.3 °
26.3 °
27 %
2.4kmh
37 %
اڱارو
26 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
28 °
ڇنڇر
27 °

تازه ترين خبرون