تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي: آرمي چيف جنرل عاصم

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي، امن کي نقصان پهچائيندڙ پاڪستاني ناهن، ڳالهيون رڳو پاڪستان ۽ عبوري حڪومت وچ ۾ ٿينديون ڪنهن به ٽولي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي، دهشتگردن وٽ پاڪستان جي رياست کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي، هو ۽ سندس بهادر فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندي.

ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته آرمي چيف جنرل عاصم منير پشارو هو دورو ڪيو، جنهن دوران هن گرينڊ جرڳي ۾ شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي آرمي چيف چيو ته پاڪستان مديني جي رياست کان پوءِ ڪلمي جي بنياد تي ٺهندڙ ٻي رياست آهي.

جنرل عامر منير چيو ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ڪجهه به نه ٿي ڪري سگهي.

آرمي چيف چيو ته ڳالهيون رڳو پاڪستان ۽ عبوري حڪومت وچ ۾ ٿينديون، ڪنهن ٽولي سان ڪا ڳالهه ٻولهه نه ڪئي ويندي.

جنرل عاصم منير چيو ته امن برباد ڪندڙ پاڪستاني ناهن.

هن چيو ته اسلام امن ۽ سلامتي جو دين آهي، جن ماڻهن ان کي دهشتگردي جي وڙ چاڙهيو انهن کي جواب ڏيڻو پوندو.

آرمي چيف چيو ته افغان مهاجرن کي پاڪستاني قانونن تي عمل ڪرڻو پوندو.

سندس چوڻ هو ته ڇا احسان جو بدلو احسان کانسواءِ ٻيو ڪجهه به ٿي سگهي ٿو؟

آرمي چيف چيو ته دهشتگردن وٽ پاڪستان جي رياست کي تسليم ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي.

جنرل عاصم منير چيو ته پاڪ فوج جو نصب العين غازي يا شهيد آهي، فوج، سڪيورٽي ادارا ۽ عوام هڪ آهن.

جنرل عاصم منير چيو ته هو الله جي راهه ۾ جهاد ڪري رهيا آهن، کين ڪاميابي ملندي.

آرمي چيف چيو ته هو ۽ سندس بهادر فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رت جي آخري ڦڙي تائين وڙهندي.

هن چيو ته حڪومت جي منظوري بعد ضم ٿيل قبائلي علائقن جي مسئلن جي حل لاءِ سيڪريٽريٽ قائم ڪئي ويندي.

آرمي چيف چيو ته هو قبائلي عوام جي معاشي ترقي ۽ منصوبن ۾ سندن شرڪت يقيني بڻائيندا.

جنرل عاصم منير چيو ته ڪي پي حڪومت سان گڏ ضم ٿيل ضلعن ۾ 81 ارب رپين جي ماليت جا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويندا.

ان موقعي تي قبائلي اڳواڻن جو چيو ته قبائلي عوام فوج سان گڏ آهي ۽ رهندو، آخر ۾ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي سميت امن لاءِ خاص دعا پڻ گهري وئي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون