تازه ترين

اسٽيٽ بئنڪ آءِ ايم ايف جي ماتحت آهي، نظرثاني ڪرڻي پوندي، ڏهه نقاطي ايجنڊا تي عمل ڪري غربت، جهالت ۽ بيروزگاري ختم ڪري سگهجي ٿي : تاج حيدر

- Advertisement -
پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو آهي ته اسٽيٽ بئنڪ آءِ ايم ايف جي ماتحت آهي، نظرثاني ڪرڻي پوندي، ڏهه نقاطي ايجنڊا تي عمل ڪري غربت، جهالت ۽ بيروزگاري ختم ڪري سگهجي ٿي، سنڌ ۾ 30 هزار تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي لاءِ 120 ارب رپيه رکيا ويا آهن. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي تاج حيدر چيو ته پيپلزپارٽي جمهوري پارٽي ۽ برابري جمهوريت جي خواهشمند آهي، غربت، جهالت جو خاتمو ۽ دولت سڀني لاءِ برابر چاهن ٿا، سندن شهادتون ۽ قربانيون سڀني آڏو آهن. سندس چوڻ هو ته کين روڪڻ لاءِ استحصالي طبقن پنهنجون پنهنجون پارٽيون ٺاهيون آهن، هر هنڌ بااثر ماڻهن کي گڏ ڪري پارٽي جو نالو ڏنو پيو وڃي، انهن باثر ماڻهن جو ڪو سياسي ۽ معاشي نظريو ناهي هوندو. پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو ته پيپلز پارٽي جي هيٺين کان هيٺين سطح تي به تنظيم موجود آهي، گڊ گورننس اها آهي ته غربت ۽ بيروزگاري جو خاتمو ڪيو وڃي. هن چيو ته پيپلزپارٽي جو منشور به پنهنجي عوام لاءِ آهي، بينظير انڪم سپورٽ جي رقم به سڌي ريت عورت تائين پهچي ٿي اهڙا وڌيڪ پروگرام جوڙيا آهن جيڪي عوام لاءِ آندا پيا وڃن. پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو ته بلاول ڀٽو زرداري جو 10 نڪاتي منشور کي عوام تائين منتقل ڪرڻ چاهن ٿا، هن وقت موسمي تبديلي وڏو مسئلو ۽ پورو ملڪ تباهي جو شڪار ٿيو گهر لڙهي ويا،اهي خطرا نظر انداز نٿا ڪري سگهجن جيڪي غريب کي سڌو سنئون متاثر ڪن ٿا. سندس چوڻ هو ته اسٽيٽ بئنڪ آءِ ايم ايف جي ماتحت آهي، نظرثاني ڪرڻي پوندي، ڏهه نقاطي ايجنڊا تي عمل ڪري غربت، جهالت ۽ بيروزگاري ختم ڪري سگهجي ٿي. پ پ سينيٽر تاج حيدر چيو ته سنڌ ۾ 30 هزار تباهه ٿيل اسڪولن جي بحالي لاءِ 120 ارب رپيه رکيا ويا آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
27 ° C
27 °
27 °
45 %
4.4kmh
79 %
اربع
28 °
خميس
34 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
29 °
آچر
30 °

تازه ترين خبرون