اسپيڪر طرفان قومي اسيمبلي اجلاس کان اڳ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ طلب

- Advertisement -
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس کان اڳ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي اڳواڻن کي طلب ڪيو آهي. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جي اجلاس کان اڳ حڪومتي ۽ مخالف ڌر جا اڳواڻ اسپيڪر چيمبر ۾ اسپيڪر سان ملاقات ڪندا. ذريعن موجب اجلاس ۾ قومي اسيمبلي جي ماحول کي بهتر ۽ خوشگوار رکڻ تي زور ڏنو ويندو. اسپيڪر پرڏيهي دوري تان واپسي کان پوءِ سڌو سنئون حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن سان پهرين باضابطا ملاقات ڪندو. اڄ جي مشاورتي اجلاس ۾ ڳالهين سان لاڳاپيل پي ٽي آءِ جي تحريري مطالبن تي به غور ٿيڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو اچڻ تي ايوان ۾ مخالف ڌر جي سخت رد عمل جو به امڪان آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اپوزيشن جي تلخي کي ڏسندي، حڪومتي ميمبر به پنهنجي حڪمت عملي اختيار ڪندا. ذريعن موجب قومي اسيمبلي جو اسپيڪر اجلاس ۾ ٻنهي ڌرين کي رواداري ۽ برداشت جو پيغام ڏيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
18.8 ° C
18.8 °
18.8 °
23%
2.4m/s
0%
جمعو
20 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
22 °
اڱارو
22 °

تازه ترين خبرون