تازه ترين

پي ٽي آءِ جو قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق سان رابطو

- Advertisement -
حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ ڳالهين واري معاملي تي قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق سان تحريڪ انصاف رابطو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي اسپيڪر آفيس جي ذريعن جو چوڻ آهي ته رابطي دوران تحريڪ انصاف، اسپيڪر اياز صادق کي ڳالهين واري ڪميٽين جو ٽيون اجلاس گهرائڻ جي درخواست ڪئي. قومي اسيمبلي اسپيڪر آفيس جي ذريعن موجب، اسپيڪر سردار اياز صادق جلد ئي  حڪومت ۽ تحريڪ انصاف ڪميٽي جو اجلاس گهرائڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي. ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر اياز صادق هن معاملي تي اڄ حڪومت ۽ مخالف ڌر سان صلاح مشورو به ڪندو. آچر ڏينهن تحريڪ انصاف جي ڳالهين واري ڪميٽي جي پنجن ميمبرن پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪئي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
58 %
1.9kmh
0 %
ڇنڇر
24 °
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
29 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون