- Advertisement -
افغانستان جي صوبي بدخشان جي ڏکڻ اوڀر حصي ۾ ڀارتي مسافر جهاز ڪري تباهه ٿي ويو.
افغان پوليس موجب، جهاز افغان ضلعي زيبڪ جي توپ خاني جبلن تي ڪري تباهه ٿيو آهي.
ڀارتي مسافر جهاز گذريل رات ريڊار تان گم ٿي ويو هو.
افغان پوليس جو چوڻ آهي ته جهاز جي قسم، مسافرن جي انگ ۽ حادثي جو سبب فوري طور واضح نٿو ڪري سگهجي.
افغان اختيارين موجب، واقعي جي جاچ لاءِ هڪ ٽيم علائقي ۾ اماڻي وئي آهي- Advertisement -
