سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خط

- Advertisement -
سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خط لکي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته خط جو مقصد سکر حيدرآباد موٽروي معاهدي طرف ڌيان ڪرائڻ آهي، مضبوط روڊن جو ڄار واپار، رابطي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهي، پشاور کان ڪراچي تائين موٽرويز جو نيٽ ورڪ تمام گهڻي اهميت وارو آهي، هي موٽروي ڪراچي ۽ گوادر پورٽ وچ ۾ واپاري راهداري جو ذريعو آهن،  ايم سڪس سائيٽ تي عمل نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي خط لکي ڇڏيو. نگران وڏي وزير چيو ته خط جو مقصد سکر حيدرآباد موٽروي معاهدي طرف ڌيان ڪرائڻ آهي، مضبوط روڊن جو ڄار واپار، رابطي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اهم آهي. سندس چوڻ هو ته پشاور کان ڪراچي تائين موٽرويز جو نيٽ ورڪ تمام گهڻي اهميت وارو آهي، هي موٽروي ڪراچي ۽ گوادر پورٽ وچ ۾ واپاري راهداري جو ذريعو آهن. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته ايم سڪس چين، افغانستان ۽ وچ ايشيائي رياستن کي ملائي ٿو، پشاور ڪراچي موٽروي منصوبي جا سمورا اهم روڊ مڪمل ٿي چڪا آهن. هن چيو ته سڀ کان اهم حصو حيدرآباد سکر لنڪ ايم سڪس اڃا تائين مڪمل ناهي ٿيو، ايم سڪس سائيٽ تي عمل نه ٿيڻ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي. سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته منصوبي تحت 306 ڪلو ميٽر ڊگهو 6 لين ڪشادو روڊ تعمير ٿيڻ آهي، ايم سڪس تحت سنڌو درياهه تي مين پل، 15 انٽر چينجز ۽ 6 فلاءِ اوور ٺهنديون، ايم سڪس منصوبو اصل سي پيڪ فريم ورڪ پراجيڪٽ جو حصو آهي، افسوس ته وفاقي حڪومت بنا ڪنهن خاص سبب ٻڌائڻ جي سي پيڪ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته حيدرآباد سکر موٽروي کي جولاءِ 2020ع ۾ اِي سي اين اِي سي165 ڏهائي 678 ارب رپين جي لاگت سان منظور ڪيو، جنهن تي مئي 2021ع ۾ 191 ڏهائي 471 ارب رپين جي لاگت سان نظرثاني ڪئي وئي، ڪافي عرصو هن منصوبي تي ڪيتريون ئي ناڪام ڪوششون هلنديون رهيون. سنڌ جي نگران وڏي وزير چيو ته منصوبي کي آخرڪار ڊسمبر 2022ع ۾ پي پي پي موڊ جي تحت تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، 308 ڏهائي 194 ارب رپين جي لاگت سان بلڊ آپريٽ اينڊ ٽرانسفر فريم ورڪ تي عمل لاءِ منظور ڪيو ويو هاڻي اين ايڇ اي چونڊيل ڪمپني ٽيڪنو، سي ايم سي، اي سي سي ڪنسورشيم سان معاهدو ختم ڪيو ويو آهي، سبب ٻڌايو ويو ته ڪمپني مقرر وقت اندر مالياتي معاملن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته معاهدي جي ڀڃڪڙي هڪ اعليٰ اسٽريٽجڪ اهميت جوڳي منصوبي لاءِ سٺي ناهي نتيجي ۾ معاهدي ۾ بگاڙ سبب منصوبي تي عمل ۾ وڌيڪ دير ٿيندي، هو چاهن ٿا ته وفاقي حڪومت سان لاڳاپيل اختيارين کي ايم سڪس پراجيڪٽ کي جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ لاءِ هدايتون جاري ڪيون وڃن. سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر، نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ کي درخواست ڪئي آهي ته معاملي تي ذاتي دلچسپي وٺي منصوبي کي مڪمل ڪرائي، پاڪستان ۽ سنڌ جي عوام کي محفوظ ڪوريڊور منصوبو فراهم ڪرڻ سندن ترجيح آهي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.2 ° C
25.2 °
25.2 °
32%
1.9m/s
0%
ڇنڇر
27 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون