تازه ترين

افغانستان ۾ آيل زلزلي ۾ فوتين جو انگ 2 هزار 400 کان وڌي ويو

افغانستان ۾ آيل زلزلي ۾ فوتين جو انگ 2 هزار 400 کان وڌي ويو جڏهن ته 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا ۽ هڪ هزار کان مٿي گهرن کي نقصان پهتو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڇنڇر ڏينهن افغانستان جي صوبي هرات ۾ آيل زلزلي جو زور 6 ڏهائي 3 رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته بادغيس ۽ فرح صوبي ۾ به آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زلزلي جو مرڪز هرات کان 40 ڪلو ميٽر اتر اولهه ۾ هو ۽ ان بعد چار ڏهائي 6 ۽ ڇهه ڏهائي 3 جي شدت جا 7 آفٽر شاڪس آيا.

پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، آيل زلزلي ۾ فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو جڏهن ته 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا ۽ هڪ هزار کان مٿي گهرن کي نقصان پهتو.

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ماڻهو مٽيءَ جي ڍيرن مان پنهنجي پيارن جي ڳولا ۾ رڌل آهن جڏهن ته عورتون ۽ ٻارڙا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن.

افغان طالبان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پهريان زلزلي جا لوڏا آيا ته ماڻهو دڪانن ۽ عمارت مان نڪري ويا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون