تازه ترين

افغانستان ۾ آيل زلزلي ۾ فوتين جو انگ 2 هزار 400 کان وڌي ويو

- Advertisement -
افغانستان ۾ آيل زلزلي ۾ فوتين جو انگ 2 هزار 400 کان وڌي ويو جڏهن ته 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا ۽ هڪ هزار کان مٿي گهرن کي نقصان پهتو آهي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، ڇنڇر ڏينهن افغانستان جي صوبي هرات ۾ آيل زلزلي جو زور 6 ڏهائي 3 رڪارڊ ڪيو ويو جڏهن ته بادغيس ۽ فرح صوبي ۾ به آفٽر شاڪس محسوس ڪيا ويا. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته زلزلي جو مرڪز هرات کان 40 ڪلو ميٽر اتر اولهه ۾ هو ۽ ان بعد چار ڏهائي 6 ۽ ڇهه ڏهائي 3 جي شدت جا 7 آفٽر شاڪس آيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب، آيل زلزلي ۾ فوتين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو جڏهن ته 9 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا ۽ هڪ هزار کان مٿي گهرن کي نقصان پهتو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ماڻهو مٽيءَ جي ڍيرن مان پنهنجي پيارن جي ڳولا ۾ رڌل آهن جڏهن ته عورتون ۽ ٻارڙا کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن. افغان طالبان حڪومت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پهريان زلزلي جا لوڏا آيا ته ماڻهو دڪانن ۽ عمارت مان نڪري ويا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
25.4 ° C
25.4 °
25.4 °
24 %
1.1kmh
15 %
سُومر
33 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
34 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون