افغانستان ۾ دهشتگردن کي افغان عبوري حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي : منير اڪرم

- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردن کي افغان عبوري حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي، پاڪستان قومي سطح تي دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪندو رهندو، پاڪستان علاقائي ۽ عالمي تنظيمن سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ٽي ٽي پي جي خطري کي ختم ڪري سگهجي، افغان حڪومت پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪري، عالمي برادري افغانستان ۾ پنهنجي مقصدن کي نظر انداز نه ڪري، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ عورتن جو آواز دٻائڻ تي ڳڻتي آهي. سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي منير اڪرم چيو ته پاڪستان قومي سطح تي دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪندو رهندو، پاڪستان علاقائي ۽ عالمي تنظيمن سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ٽي ٽي پي جي خطري کي ختم ڪري سگهجي. سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ دهشتگردن کي افغان عبوري حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي چيو ته افغان حڪومت پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪري، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ عورتن جو آواز دٻائڻ تي ڳڻتي آهي. منير اڪرم چيو ته پاڪستان، افغانستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ پنهنجي مقصدن کي نظر انداز نه ڪري.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26 ° C
26 °
26 °
13%
0.4m/s
0%
آچر
30 °
سُومر
30 °
اڱارو
29 °
اربع
29 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون