- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم چيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگردن کي افغان عبوري حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي، پاڪستان قومي سطح تي دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪندو رهندو، پاڪستان علاقائي ۽ عالمي تنظيمن سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ٽي ٽي پي جي خطري کي ختم ڪري سگهجي، افغان حڪومت پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪري، عالمي برادري افغانستان ۾ پنهنجي مقصدن کي نظر انداز نه ڪري، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ عورتن جو آواز دٻائڻ تي ڳڻتي آهي.
سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي منير اڪرم چيو ته پاڪستان قومي سطح تي دهشتگردن خلاف ڪارروايون ڪندو رهندو، پاڪستان علاقائي ۽ عالمي تنظيمن سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن ٽي ٽي پي جي خطري کي ختم ڪري سگهجي.
سندس چوڻ هو ته افغانستان ۾ دهشتگردن کي افغان عبوري حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي، پاڪستان افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام چاهي ٿو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي چيو ته افغان حڪومت پنهنجي عالمي ذميوارين کي پورو ڪري، افغانستان ۾ انساني بحران ۽ عورتن جو آواز دٻائڻ تي ڳڻتي آهي.
منير اڪرم چيو ته پاڪستان، افغانستان سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپا وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي، عالمي برادري افغانستان ۾ پنهنجي مقصدن کي نظر انداز نه ڪري.- Advertisement -
