افغانستان ۾ دهشتگردن کي ملندڙ حمايت تي ڳڻتي آهي: ممتاز زهرا بلوچ

spot_img
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو  آهي ته  افغانستان ۾ دهشتگردن کي ملندڙ حمايت تي ڳڻتي آهي. اسلام آباد ۾ هفتيوار بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته  پاڪستان کي افغان ڌرتي تي دهشتگرد گروپن جي سرگرمين تي ڳڻتي آهي،  افغانستان بابت خاص نمائندي جي تجويز في الحال غور هيٺ ناهي. هن چيو ته دهشتگردي رڳو افغانستان نه پر  پاڪستان سميت سموري پاڙيسرين لاءِ به خطرو آهي،  افغانستان کي دهشتگرد ٽولن بابت پڪا ثبوت پيش ڪيا ويا آهن، افغانستان کي دهشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، اميد آهي ته  افغانستان عالمي سطح تي  پنهنجا واعدا پورا ڪندو. سندس چوڻ هو ته بيلا روس جو صدر  25 کان 27 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو، پاڪستاني قيادت سان ملاقاتون ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته گڏيل قومن ۾  آمريڪا طرفان غزا جنگبندي جو ٺهراءُ ويٽو ڪرڻ تي ڳڻتي آهي. هن چيو ته  پاڪستان ۾ سياسي ۽ شخصي آزادي بابت سوشل ميڊيا تي برطانوي پارليامينٽ اسيمبلي ميمبر جي برطانوي پرڏيهي سيڪريٽري کي لکيل خط ڏٺو آهي، خط پاڪستان سان شيئر نه ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته خط برطانوي پارليامينٽ هڪ ميمبر وچ ۾ لک پڙهه آهي، خط پاڪستاني حڪومت کي سرڪاري طور نه ڏنو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته  پاڪستان سڪيورٽي معاملن تي  آمريڪا سان ويجها لاڳاپا رکي ٿو،  دهشتگردن جي هٿن ۾ بيلسٽڪ ميزائل وڃڻ بابت ڳالهيون ٿي رهيون آهن.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12 ° C
12 °
12 °
24%
1.2m/s
0%
اربع
14 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
17 °

تازه ترين خبرون