- Advertisement -
افغانستان ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي دهشتگردن جو سربراهه مارجي ويو آهي.
پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي لڪي مروت جو سربراهه عتيق الرحمان عرف ٽيپو گل مروت مارجي ويو.
ٽيپو گل مروت افغانستان جي علائقي ڪنڙ ۾ اڻڄاتل حملو ڪندڙن جو نشانو بڻيو.
ٽيپو گل مروت پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي ڪيترين ئي ڪاررواين ۾ ملوث هو.
دهشتگرد جو مارجڻ افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي موجودگي جو واضح ثبوت آهي.
افغانستان ۾ پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي اندروني اختلافن سبب سربراهه ماريا پيا وڃن، ثبوتن باوجود ڇا افغان حڪومت پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي خلاف ڪا ڪارروائي ڪندي؟.- Advertisement -
