تازه ترين

افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي:سعيد غني

صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته افغان پناهگيرن کي گند کڻڻ جي اجازت ڏيڻ جو عمل غير قانوني آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاھ جي صدارت ھيٺ پنھنجي مقرر ٿيل ٽائيم تي شروع ٿيو.

سنڌ اسيمبلي اجلاس ۾ مڪاني کاتي بابت سوالن جا جواب ٿيا.

متحده ايم پي اي محمد وسيم چيو ته ڪراچي ۾  پاڻي جا مسئلا ٿين ٿا پر ايم ڊي واٽر بورڊ ايم پي ايز جي فون به اٽيند نه ٿو ڪري .

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته آفيسرن کي ڪنهن به چونڊيل نمائندن جي فون اٽينڊ ڪرڻ گهرجي.

ھن چيو ته هر آفيسر جي ذميواري آهي ته اهي چونڊيل نمائندن جا مسئلا ٻڌن.

سنڌ اسيمبلي ۾ سوال جواب ڏيندي صوبائي وزير سعيد غني چيو ته شهر ۾ يوسي ۽ ٽائون چيئرميننز پاران افغانين يا ڪنهن به گروپ کي گندگي کڻڻ جي اجازت ڏيڻ غير قانوني عمل آھي.

هن چيو ته سنڌو درياهه مان ڪراچي شهر جي پيئڻ جي پاڻي جي ڪوٽا 650 ايم جي ڊي آهي پر اتان 570 ايم جي ڊي کڻي رهيا آهيون حب ڪينال وسيلي ڪراچي لاءِ 1 سئو ايم جي ڊي ڪوٽا مقرر ٿيل آهي پر اتان 70 ايم جي ڊي کڻي رهيا آهيون.

هن چيو ته موجوده حب ڪينال جي مرمت جاري آهي جنهن جي گنجائش هڪ سئو ايم جي ڊي آهي.

سندس چوڻ هو ته  حب ڊيم مان نئون ڪينال به ڪڍي رهيا آهن جنهن جي گنجائش پنجاهه ايم جي ڊي آهي.

صوبائي وزير سعيد غني چيو ته حب ڊيم جي گنجائش وڌائڻ لاءِ غور ويچار ڪري رهيا آهن گذريل ڪجهه سالن کان معمول کان وڌيڪ برساتون پوڻ ڪري حب ڊيم  ڀرجي وڃي ٿو ان ڪري ان جي گنجائش وڌائڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪي فور رٿا جا چار ڪمپونن 2027ع تائين مڪمل ٿي ويندا، ڪي فور منصوبو شروع ۾ 25 ارب جي لاڳت جو هو جنهن ۾ پاور پلانٽ جو خرچ شامل نه هوهن رٿا جي لاڳت وڌڻ ڪري پي ٽي آئي جي وفاقي سرڪار هن مان هٿ ڪڍي وئي.

سندس چوڻ ھو ته پي ٽي آء جي وفاقي حڪومت ڪرپشن جو بهانو بڻائي هن رٿا جو ڪم روڪي ڇڏيو ان وقت  جي حڪومت هن رٿا جي لاڳت 126 ارب ڪري  رٿا  واپڊا جي حوالي ڪري ڇڏي ڪي فور رٿا. اپريل 2027ع تائين مڪمل ٿي ويندي.

ساٽ سنڌ اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي ايم پي اي فاروق احمد جو 7 سيپٽمبر کي ختم نبوت طور ملھائڻ وارو ٺھراءُ پيش ڪيو ويو جنھن تي حڪومت ۽ مخالف ڌر ميمبرن متفق راءِ سان ٺھراءُ  منظور ڪري ورتو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
118,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
18.2 ° C
18.2 °
18.2 °
37 %
2.5kmh
2 %
اڱارو
18 °
اربع
25 °
خميس
26 °
جمعو
26 °
ڇنڇر
26 °

تازه ترين خبرون