اقتصادي رابطا ڪميٽي، سياريَ جي مند لاءِ ونٽر پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي

spot_img
اقتصادي رابطا ڪميٽي، سياريَ جي مند لاءِ ونٽر پيڪيج جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بجلي سهولت پيڪيج گهريلو، صنعتي، ڪمرشل ۽ صنعتي واهپيدارن تي ٿيندو. ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ايِ سي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ سياريَ جي مند لاءِ ونٽر پيڪيج منظوري لاءِ پيش ڪيو ويو. پيڪيج ۾ بجلي جي في يونٽ ۾ 26 رپيا رليف ڏيڻ جي تجويز منظور ڪئي، گذريل جي ڀيٽ ۾ واڌو بجلي استعمال ڪرڻ تي ٽيرف ۾ رليف ڏنو ويندو. ونٽر پيڪيج ڊسمبر 2024 کان فيبروري 2025ع لاءِ هوندو. بجلي سهولت پيڪيج  گهريلو، ڪمرشل ۽ صنعتي واهپيدارن لاءِ هوندو،  پيڪيج تحت رليف 25 سيڪڙو واڌو بجلي استعمال ڪرڻ تي ملندو. گهريلو واهپيدارن کي ٽيرف تي 11 رپيا 42 پيسن کان 26 رپين تائين رليف ڏنو ويندو، ڪمرشل واهپيدارن کي 13 رپيا 46 پيسا کان 22 رپيا 71 پيسا في يونٽ ۽ صنعتي واهيپدارن کي 5 رپيا 72 پيسا کان 15 رپيا في يونٽ رليف ڏنو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

spot_img
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.5 ° C
9.5 °
9.5 °
26%
2m/s
0%
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
18 °
آچر
16 °

تازه ترين خبرون