اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏيڍ لک ٽن کنڊ ٻاهر موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اي سي سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اقتصادي رابطا ڪميٽي ڏيڍ لک ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي منظوري ڏني.
اي سي سي موجب کنڊ جا اگهه ۾ وڌڻ جي صورت ۾ ايڪسپورٽ بند ڪئي ويندي.
اي سي سي آئوٽ اسٽيڊنگ ڪسٽم ڊيوٽي جي ضرورتن لاءِ 127 ملين رپين جي منظوري پڻ ڏني.
اجلاس ۾ ايوان صدر جي ملازمن جي خرچن لاءِ 29 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي.
اي سي سي طرفان صحت واري وزارت لاءِ 5 ارب 40 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته ڪشمير ۽ گلگت بلتستان لاءِ 4 ارب 92 ڪروڙ رپيا منظور ڪيا ويا.
اقتصادي رابطا ڪميٽي پاسڪو جي بقاياجات لاءِ 6 ارب 59 ڪروڙ 60 لک رپين جي منظوري پڻ ڏني.
هائوسنگ ايند ورڪس جي بقاياجات لاءِ 370 ملين رپين جي گرانٽ جي منظوري ڏني وئي، وومين انڪلوزو فنانس پراجيڪٽ لاءِ 14 ارب 25 ڪروڙ رپين جي گرانٽ منظور ڪئي وئي، ان کان علاوه فنانس ڊويزن جي آڊٽ مئنيجمينٽ انفارميشن سسٽم لاءِ 97 ملين رپيا منظور ڪيا ويا.
اي سي سي گرين ٽورازم پاڪستان منصوبي لاءِ 5 ارب رپين جي منظوري پڻ ڏني، جڏهن ته هلندڙ مالي سال لاءِ بچاءَ واري وزارت جو شارٽ فال پورو ڪرڻ لاءِ 24 ارب رپين جي منظوري پڻ ڏني وئي.