تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري سان اڳوڻي وڏي وزير محمود خان جي ملاقات

- Advertisement -
چيئرمين پاڪستان تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز ۽ ڪي پي جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان اسلام آباد ۾ پ پ چئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي محمود خان جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت دهشتگردي، قدرتي آفتن، غربت ۽ بيروزگاري کان متاثر صوبي جي پي ايس ڊي پي پروگرام مان اربين رپين جا 91 ترقياتي منصوبا واپس وٺي خيبرپختونخواهه جي عوام کي نظرانداز ڪيو آهي. محمود خان بلاول ڀٽو کي درخواست ڪئي ته هو وزيراعظم شهباز شريف سان ڳالهائي پنهنجو ڪردار ادا ڪري. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي وڏي وزير محمود خان جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته خيبرپختونخواهه صوبي جي عوام هن ملڪ لاءِ لازوال قربانيون ڏنيون آهن ۽ انهن کي ڪڏهن به فراموش نٿو ڪري سگھجي. ملاقات ۾ بلاول ڀٽو زرداري صوبي جي تعمير ۽ ترقي ۽ امن امان جي بحالي لاءِ اڳوڻي وڏي وزير محمود خان جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪيو. بلاول ڀٽو صوبي جي تعمير ۽ ترقي جو سفر جاري رکڻ لاءِ صوبي ۾ پي ٽي آءِ پارليامينٽرينز سان اتحاد ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ڪي پي ڪي جي اڳوڻي وڏي وزير محمود خان چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته هو سياسي ماڻهو آهن ۽ سياسي رابطا برقرار رکڻ تي يقين رکن ٿا، ان حوالي سان ڪو به فيصلو پارٽي جي ٻين اڳواڻن سان مشاورت بعد ئي ڪيو ويندو. ملاقات ۾ خيبرپختونخواهه جو گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي، پيپلز پارٽي خيبرپختونخواهه جو صدر ۽ ٻيا اڳواڻ به موجود هئا. ان کان علاوه تحريڪ انصاف پارليامينٽرينز جي سيڪريٽري جنرل حبيب نور سميت ٽن ميمبرن ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.9 ° C
27.9 °
27.9 °
10 %
7kmh
0 %
اڱارو
28 °
اربع
36 °
خميس
35 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون