تازه ترين

الخدمت فائونڊيشن هيلٿ سروسز طرفان 7 سيپٽمبر تي لاهور جي ايڪسپو سينٽر ۾ ميگا ايونٽ ڪرائڻ جو فيصلو

الخدمت فائونڊيشن هيلٿ سروسز طرفان 7 سيپٽمبر تي لاهور جي ايڪسپو سينٽر ۾ ميگا ايونٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

الخدم فائونڊيشن جي عهديدار ڊاڪٽر زاهد لطيف لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ست سيپٽمبر تي ايڪسپو سينٽر لاهور  ۾ ميگا ايونٽ ٿيندو.

هن چيو ته هيلٿ جي شعبي ۾ پيش ايندڙ چئلينجن، ميڊيڪل ۾ پوزيشن هولڊر شاگردن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ميڊيڪون  2024ع جي مقصدن ۾ شامل آهي.

سندس چوڻ هو ته حافظ نعيم الرحمان، ڊاڪٽر حفيظ الرحمان، وائس چانسلر ۽ فيڪلٽي ميمبر ايونٽ ۾ شرڪت ڪندا.

ڊاڪٽر زاهد لطيف چيو ته ميڊيڪون 2024ع ۾ سموري پنجاب مان مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا هڪ هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون شرڪت ڪنديون.

هن چيو ته پوزيشن هولڊرز ۽ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊلز، انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا.

ڊاڪٽر زاهد لطيف چيو ته غزا ۾ هلندڙ انساني بحران تي اهم سيشن ايونٽ جو حصو هوندو جنهن ۾ الخدمت ۽ پيما جي غزا  ۾ ڪردار تي بريفنگ ڏني ويندي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
30.4 ° C
30.4 °
30.4 °
11 %
6.4kmh
0 %
اربع
31 °
خميس
36 °
جمعو
37 °
ڇنڇر
37 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون