تازه ترين

الخدمت فائونڊيشن هيلٿ سروسز طرفان 7 سيپٽمبر تي لاهور جي ايڪسپو سينٽر ۾ ميگا ايونٽ ڪرائڻ جو فيصلو

- Advertisement -
الخدمت فائونڊيشن هيلٿ سروسز طرفان 7 سيپٽمبر تي لاهور جي ايڪسپو سينٽر ۾ ميگا ايونٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. الخدم فائونڊيشن جي عهديدار ڊاڪٽر زاهد لطيف لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ست سيپٽمبر تي ايڪسپو سينٽر لاهور  ۾ ميگا ايونٽ ٿيندو. هن چيو ته هيلٿ جي شعبي ۾ پيش ايندڙ چئلينجن، ميڊيڪل ۾ پوزيشن هولڊر شاگردن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ ميڊيڪون  2024ع جي مقصدن ۾ شامل آهي. سندس چوڻ هو ته حافظ نعيم الرحمان، ڊاڪٽر حفيظ الرحمان، وائس چانسلر ۽ فيڪلٽي ميمبر ايونٽ ۾ شرڪت ڪندا. ڊاڪٽر زاهد لطيف چيو ته ميڊيڪون 2024ع ۾ سموري پنجاب مان مختلف يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا هڪ هزار شاگرد ۽ شاگردياڻيون شرڪت ڪنديون. هن چيو ته پوزيشن هولڊرز ۽ نمايان ڪارڪردگي رکندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ميڊلز، انعام ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. ڊاڪٽر زاهد لطيف چيو ته غزا ۾ هلندڙ انساني بحران تي اهم سيشن ايونٽ جو حصو هوندو جنهن ۾ الخدمت ۽ پيما جي غزا  ۾ ڪردار تي بريفنگ ڏني ويندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
56 %
6.3kmh
31 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون