- Advertisement -
سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم جي الزامن کي رد ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جا ميمبر پنهنجي اندروني تڪرار کان عوام جو ڌيان هٽائڻ لاءِ الزامن جي سياست ڪري رهيا آهن.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ڊاڪٽر فاروق ستار جي پريس ڪانفرس تي رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته نفرت جي سياست ايم ڪيو ايم کي ورهائي ڇڏيو آهي، پر ايم ڪيو ايم جا اڳواڻ پوءِ به نٿا مڙن.
هن چيو ته متحده اڳواڻ نفرت، تعصب، ورهاڱي ۽ دوکي واري سياست کي هٿي ڏئي رهيا آهن، ڪراچي جي ماڻهن کي ايم ڪيو ايم بابت حقيقت معلوم ٿي چڪي آهي، هاڻي اهي دوکو ۾ نه ايندا.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي سڀني پاڪستانين جو شهر آهي، متحده کي ڪراچي جو ٺيڪيدار بڻجڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.
هن چيو ته ڪراچي جي ٻارن کي هو پنهنجو سمجهن ٿا، عوام ڄاڻي ٿو ته ڪراچي جي ٻارن کي ڪتابن بدران بندوقون ڪنهن ڏنيون.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته ايم ڪيو ايم ڏهاڪن تائين ڪراچي تي حڪومت ڪئي، اڄ حقن جي ڳالهه ڪري ٿي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته متحده قومي موومينٽ هر دور ۾ سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ ڪراچي جي ماڻهن جي جذبن جو استحصال ڪندي رهي آهي.- Advertisement -
