تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024 آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي: بئريسٽر گوهر

تحريڪ انصاف اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي،  ميمبرن کي به خبر ناهي ته ڪهڙي قسم جي قانونسازي ڪئي پئي وڃي، سازش تحت تحريڪ انصاف جي ميمبرن کان چونڊ نشان کسيو ويو، نئين قانونسازي ذريعي عدالتي فيصلي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.

قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي.

سندس چوڻ هو ته ميمبرن کي به خبر ناهي ته ڪهڙي قسم جي قانونسازي ڪئي پئي وڃي، سازش تحت تحريڪ انصاف جي ميمبرن کان چونڊ نشان کسيو ويو.

تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته نئين قانونسازي ذريعي عدالتي فيصلي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هو هن قانون سازي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندا.

هن چيو ته هنن مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن کي چار درخواستون ڏنيون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ته سازش تحت چونڊ نشان کسيو ويو.

تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته اليڪشن ۾ کين هارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هنن اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، پارليامينٽ سپريم ضرور آهي پر تشريح جو اختيار سپريم ڪورٽ کي آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون