تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل 2024 آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي: بئريسٽر گوهر

- Advertisement -
تحريڪ انصاف اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل خلاف عدالت ۾ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، بئريسٽر گوهر جو چوڻ آهي ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي،  ميمبرن کي به خبر ناهي ته ڪهڙي قسم جي قانونسازي ڪئي پئي وڃي، سازش تحت تحريڪ انصاف جي ميمبرن کان چونڊ نشان کسيو ويو، نئين قانونسازي ذريعي عدالتي فيصلي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. قومي اسيمبليءَ ۾ خطاب ڪندي تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل آئين ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. سندس چوڻ هو ته ميمبرن کي به خبر ناهي ته ڪهڙي قسم جي قانونسازي ڪئي پئي وڃي، سازش تحت تحريڪ انصاف جي ميمبرن کان چونڊ نشان کسيو ويو. تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته نئين قانونسازي ذريعي عدالتي فيصلي کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هو هن قانون سازي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪندا. هن چيو ته هنن مخصوص سيٽن بابت اليڪشن ڪميشن کي چار درخواستون ڏنيون، نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ته سازش تحت چونڊ نشان کسيو ويو. تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر خان چيو ته اليڪشن ۾ کين هارائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هنن اڪثريت سان ڪاميابي ماڻي، پارليامينٽ سپريم ضرور آهي پر تشريح جو اختيار سپريم ڪورٽ کي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
20.8 ° C
20.8 °
20.8 °
31 %
1.4kmh
0 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
25 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون