نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اليڪشن جي تاريخ جو اعلان جلد ٿي ويندو، ڇا ليول پليئنگ فيلڊ هڪ مخصوص پارٽيءَ کي کٽرائڻ جو نالو آهي، 2018ع جي ليول پليئنگ فيلڊ ياد آهي، جڏهن ڏکڻ پنجا محاذ ٺهيو هو، عدالت ڪنهن جي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ تي پابندي مڙهي ٿي ته ان کي تسليم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي ته نگران حڪومت سمورين شين کي ختم ڪري ماڻهن کي باهه ڏيڻ جو لائسنس ڏيندي ته اهو نٿو ٿي سگهي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته تازي چين جي دوري ۾ چيني صدر سان ملاقات هاڪاري رهي، سي پيڪ جو تسلسل جاري رهندو.
هن چيو ته جلد اليڪشن جو اعلان ٿي ويندو، هو به ووٽ ڏيڻ ويندا.
نگران وزيراعظم چيوته ڪو ڪنهن پارٽيءَ ۾ وڃي ٿو ته ان جي مرضي آهي، ڇا ليول پليئنگ فيلڊ هڪ مخصوص پارٽيءَ کي کٽرائڻ جو نالو آهي، 2018ع جي ليول پليئنگ فيلڊ ياد آهي، جڏهن ڏکڻ پنجا محاذ ٺهيو هو.
سندس چوڻ هو ته هو نٿا چاهن ته ڪا به سياسي پارٽي چونڊ عمل کان ٻاهر هجي پر عدالت ڪنهن پارٽيءَ تي پابندي لڳائي ٿي ته ان تي عمل ڪرڻو پوندو.
انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته نوازشريف جي ڏيهه واپسي هڪ حقيقت آهي، ان سياسي حقيقتن جو سندس سياسي مخالفن کي منهن ڏيڻو آهي.
نگران وزيراعظم چيو ته ڪو اهو چوي ته پارليامينٽ کي باهه ڏيندو، وزيراعظم هائوس تي ڪاهه ڪندو ۽ جمهوريت جو چيمپئن بڻجندو ته قانون جي نظر ۾ اهو پرامن احتجاج ناهي، جيڪڏهن ڪو اهو سمجهي ته نگران حڪومت سمورين شين کي ختم ڪري ماڻهن کي باهه ڏيڻ جو لائسنس ڏيندي ته اهو نٿو ٿي سگهي، ڇا ن ليگ يا پ پ ائين ڪري ها ته تڏهن به ماڻهن جي اها ئي سوچ هجي ها جيڪا مخصوص پارٽيءَ بابت آهي.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ارشد شريف ڪيس سندن لاءِ اهم آهي، جلد قطعي نتيجي تائين پهچندا.
نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڊگهي عرصي کان غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي هو پنهنجو دشمن نه ٿا سمجهن اهي وڃن ۽ قانون دستاويز کڻي اچن.
انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته سندن ڪم رڳو اليڪشن ۾ مدد ڪرڻ آهي، ڪوشش ڪرڻي آهي ته سمورين پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملي