تازه ترين

اليڪشن جي تاريخ جو اعلان جلد ٿي ويندو: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اليڪشن جي تاريخ جو اعلان جلد ٿي ويندو، ملڪ ۾ چونڊون ڪرائڻ اليڪشن ڪميشن جي ذميواري آهي، ڪنهن به سياسي پارٽي کي چونڊ عمل ۾ حصو وٺڻ کان ناهي روڪيو ويو، 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث ماڻهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ٿيندي، پاڪستان ٻن ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيو آهي، ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل بعد ڀارت تي سنجيده نوعيت جا سوال اٿاريا پيا وڃن، پاڪستان هميشه افغانستان جي خودمختاري جو احترام ڪيو آهي، هو پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪرڻ ڄاڻن ٿا.

نيويارڪ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نگران وزير اعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جو موقف ڀرپور نموني پيش ڪيو آهي، ڪشمير، موسمي تبديلين ۽ فلسطين جي حوالي سان پنهنجو موقف پيش ڪيو، سندس دورو تمام گهڻو ڪامياب رهيو آهي، عالمي اڳواڻن سان ملاقاتون فائديمند رهيون.

سندس چوڻ هو ته پاڪستان ٻن ڏهاڪن کان ڀارتي دهشتگردي جو نشانو بڻجي رهيو آهي، ڪينيڊا ۾ سک اڳواڻ جي قتل بعد ڀارت تي سنجيده نوعيت جا سوال اٿاريا پيا وڃن، ڪينيڊا ۾ ڀارتي قدمن سان اولهه دنيا کي جهٽڪو لڳو آهي ۽ ڪينيڊا جي واقعي اولهه جون اکيون کولي ڇڏيون آهن.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان هميشه افغانستان جي خودمختاري جو احترام ڪيو آهي، هو پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪرڻ ڄاڻن ٿا، افغانستان سان تعميري ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي.

هن چيو ته ايراني صدر سان مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون آهن، نگران حڪومت مهانگائي جي خاتمي لاءِ کنڊ ۽ ڪڻڪ مافيا خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، هن وقت ملڪ ۾ اٽي، کنڊ ۽ ڪڻڪ جي ڪابه کوٽ نه آهي، جيڪو  به قانون جي ڀڃڪڙي ڪندو ان خلاف سخت ايڪشن ورتو ويندو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ٻين ملڪن جا سيڙپڪار پاڪستان سيڙپڪاري لاءِ تيار آهن، پاڪستان جا آمريڪا سان مضبوط لاڳاپا آهن……..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
31 ° C
31 °
31 °
26 %
0.6kmh
0 %
سُومر
35 °
اڱارو
35 °
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
31 °

تازه ترين خبرون