تازه ترين

اليڪشن ڪميشن، مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست رد

اليڪشن ڪميشن، مخصوص سيٽن بابت سني اتحاد ڪائونسل جي درخواست رد ڪري ڇڏي، مخصوص سيٽون ٻين پارٽين ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪيو ويو، فيصلو هڪ جي ڀيٽ ۾ چار جي اڪثريت سان ٻڌايو ويو، پنجاب جي ميمبر بابر حسن ڀروانا سيٽون ٻين پارٽين ۾ ورهائڻ واري فيصلي سان اختلاف ڪيو، اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن جي ڪوٽا لاءِ اهل ناهي، اتحاد کي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون جاري نٿيون ڪري سگهجن، مخصوص سيٽون ٻين پارٽين ۾ سندن سيٽن جي حساب سان ورهايون وينديون، اسيمبلين جون مخصوص سيٽون خالي نٿيون رکي سگهجن.

اليڪشن ڪميشن طرفان سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن  بابت داخل درخواست تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن سني اتحاد ڪائونسل جي مخصوص سيٽن بابت درخواست

رد ڪري ڇڏي.

اليڪشن ڪميشن آرٽيڪل 53 جي شق تحت 6 تحت مخصوص سيٽن بابت فيصلو ٻڌايو.

اليڪشن ڪميشن فيصلي ۾ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن جي ڪوٽا لاءِ اهل ناهي، اتحاد کي عورتن ۽ اقليتن جون مخصوص سيٽون جاري نٿيون ڪري سگهجن.

فيصلي ۾ چيو ويو ته سني اتحاد ڪائونسل مخصوص سيٽن لاءِ وقت تي ترجيحي لسٽ جمع نه ڪرائي، وقت اڳ ترجيحي لسٽ جمع ڪرائڻ قانون گهرج آهي.

اليڪشن ڪميشن چيو ته سني اتحاد ڪائونسل قومي توڙي صوبائي اسيمبلي جي ڪنهن به سيٽ تي اليڪشن نه وڙهي.

فيصلي موجب سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين به چونڊ نشان هوندي آزاد حيثيت ۾ اليڪشن وڙهي.

اليڪشن ڪميشن مخصوص سيٽن بابت ٻين پارٽين جون درخواستون منظور ڪري ورتيون.

ڪميشن فيصلي ۾ چيو ته مخصوص سيٽون ٻين پارٽين ۾ سندن سيٽن جي حساب سان ورهايون وينديون.

فيصلي ۾ چيو ويو ته اسيمبلين جون مخصوص سيٽون خالي نٿيون رکي سگهجن.

اليڪشن ڪميشن فيصلو چار هڪ جي اڪثريت سان جاري ڪيو.

پنجاب جي ميمبر بابر حسن ڀروانا مخصوص سيٽون ٻين پارٽين ۾ ورهائڻ واري  فيصلي سان اختلاف ڪندي نوٽ لکيو.

نوٽ ۾ بابر حسن ڀروانا چيو ته سني اتحاد ڪائونسل کي مخصوص سيٽون جاري نه ڪرڻ واري فيصلي سان اتفاق آهي، پر اهي سيٽون ٻين پارٽين کي به الاٽ نه ٿيون ڪري سگهجن.

اختلاف نوٽ ۾ پنجاب جي ميمبر چيو ته اهي سيٽون آرٽيڪل 51 ۽ 106 موجب خالي رکيون وڃن، اهي سيٽون تيستائين خالي رکيون وڃن جيستائين آرٽيڪل51 ۽ 106 ۾ ترميم نٿي ڪئي وڃي.

تحريڪ انصاف سان تعلق رکندڙ آزاد ايم اين ايز اليڪشن ڪميشن جي ڪاميابيءَ بعد سني اتحاد ڪائونسل ۾ شموليت اختيار ڪندي مخصوص سيٽن لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي…

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
3.8 ° C
3.8 °
3.8 °
31 %
1kmh
0 %
اربع
4 °
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
14 °
آچر
14 °

تازه ترين خبرون