اليڪشن ڪميشن جو عام چونڊن لاءِ سياسي پارٽين ۽ اميدوارن جي ضابطه اخلاق واري معاملي بابت اجلاس ٿي رهيو آهي.
چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس منجهند 2 وڳي ٿيندو.
اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان سمورين پارلياماني سياسي پارٽين کي دعوت ناما موڪليا ويا آهن.
اليڪشن ڪميشن جي اجلاس ۾ چونڊ ضابطه اخلاق تي سياسي پارٽين سان صلاح مشورا ڪيا ويندا جڏهن ته سياسي پارٽين جا نمائندا تجويز ڪيل ضابطا اخلاق تي تجويزون ڏيندا جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن قطعي فيصلو جاري ڪندي.