اليڪشن ڪميشن جي منظوري کانپوءِ سنڌ حڪومت 18 گريڊ جي وڌيڪ 30 آفيسرن جون بدليون ۽ مقرريون ڪري ڇڏيون.
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرن جي بدلين جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب سميع الله خان کي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪراچي مقرر ڪيو ويو آهي.
جهانگير علي شاھه ۽ نواب سمير حسين لغاري کي اولھه ۽ ملير جو ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر مقرر ڪيو ويو آهي.
محمد آصف جوڻيجو، عبدالڪريم ميمڻ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر سينٽرل ۽ ايسٽ ڪراچي مقرر ڪي اويا آهن.
زاهد جوڻيجو ۽ ظهور علي کي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ڪورنگي ۽ ڪياماڙي مقرر ڪيو ويو.
سکر، حيدرآباد، ٽنڊو محمد خان، مٽياري، ٺٽو، سجاول، بدين ۽ عمرڪوٽ ۾ به ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنرز تبديل ڪيا ويا آهن.
ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر، سانگهڙ، ميرپورخاص، بدين، بينظير آباد، نوشهروفيروز، خيرپور، شڪارپور، ون ۽ ٽو به تبديل ڪيا ويا.


