نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پاران اڙل واهه ريگيوليٽر معاملي ۾ سامهون ايندڙ مسئلن تي خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن.
وڏي وزير جسٽس مقبول باقر پاران اڙل واهه ڪينال ريگيوليٽر جو دورو ڪيو.
وڏي وزير، سيڪريٽري آبپاشي کي 10 آڪٽوبر تائين اڙل واهه بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سمورن مسئلن جي نشاندهي، پاڻي چوري، پاڻي ورڇ واري مڪينزم جي غير موجودگيءَ جا تفصيل پڻ طلب ڪيا ويا آهن.
نگران وڏي وزير رپورٽ ۾ ڏنل ٺيڪي ۽ معاهدي ۾ خامين ۽ بي حساب زمين ۾ مٽي جي ڀرائي بابت به ڄاڻ گهري ورتي.
جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پاران ملوث آفيسرن جي ناقص ڪارڪردگي ۽ بهتري لاءِ تجويزون ۽ قدمن جي نشاندهي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.


