اليڪشن ڪميشن وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون ملتوي ڪري ڇڏيون.
اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته مڪاني ايڪٽ ۾ ترميم بعد اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول نوٽيفڪيشن ايندڙ حڪم تائين معطل ڪيو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ 9 آڪٽوبر تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪيو هو.
اسلام آباد ۾ مڪاني حڪومت جو پنجن ورهين وارو مدو فيبروري 2021ع ۾ مڪمل ٿي ويو هو ۽ قانون موجب ٽن مهينن ۾ عام چونڊون ٿيڻيون هيون.