تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي

- Advertisement -
جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي، سندس چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف طاقت استعمال ڪرڻ بدران معاملا سياستدانن حوالي ڪيا وڃن، بلوچستان ۾ اهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي جو ڪجهه علائقن ۾ پاڪستان جو ترانو به نٿو پڙهي سگهجي ۽ جهنڊو به نٿو ڦڙڪائي سگهجي، اهڙي صورتحال ۾ کين قدم کڻڻ گهرجن، مخالف ڌر ۾ آهيون، پر ملڪ کي ضرورت پوڻ تي حاضر آهيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته دهشتگردي جي ذميواري افغانستان تي وجهڻ بدران پنهنجون ذميواريون ڏسڻ گهرجن، افغانستان نه پر اسان سرحدن تي ويٺا آهيون. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي جي يو آءِ سربراهه چيو ته سندن هٿياربند فوج مٿان حملا ڪيا ويا، ادارن مٿان حملا ٿيا، ان تي ايوان غور نه ڪندو ته ٻيو ڪير ڪندو؟ مولانا فضل الرحمان چيو ته اهي صورتحال کي سنجيدگيءَ سان نه وٺي رهيا آهن، ٻنهي پاسي صورتحال جذباتي ٿي وئي آهي، هڪ ڌر ايترو اڳتي نڪري وئي آهي جو اليحدگي جون ڳالهيون شروع ڪري ڇڏيون آهن ۽ ٻئي طرف طاقت ذريعي انهن کي منهن ڏيڻ رياست جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تيار آهي، اهڙا بيان صورتحال کي وڌيڪ جذباتي بڻائيندا آهن، ٻنهي طرفن کان انتها تائين پهتل اهڙو عمل پاڪستان جي سلامتي تي سواليه نشان بڻجي وڃي ٿو. هن ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته بلوچستان ۾ اهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال آهي جو ڪجهه علائقن ۾ پاڪستان جو ترانو به نٿو پڙهي سگهجي ۽ جهنڊو به نٿو ڦڙڪائي سگهجي، اهڙي ڳڻتي جوڳي صورتحال ۾ کين قدم کڻڻ گهرجن، حڪومت به ذميواري پوري ڪري، مخالف ڌر ۾ آهيون، پر ملڪ کي ضرورت پوڻ تي حاضر آهيون. مولانا فضل الرحمان چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، اتي ڪچي جي صورتحال مان سڀ واقف آهن، پر بلوچستان ۾ اسٽيٽ کي چئلينج ڪيو پيو وڃي، پارليامينٽ کي چيو وڃي ته اها اڳتي وڌي ۽ بلوچستان ۾ وڃي ماڻهن سان ڳالهيون ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
3 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
27.3 ° C
27.3 °
27.3 °
13 %
0.5kmh
0 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون