تازه ترين

اليڪشن ڪميشن 11 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن 11 فيبروري تي ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ ڏئي ڇڏي، سپريم ڪورٽ اڄ ئي صدر سان صلاح مشورا ڪري چونڊن جي قطعي تاريخ جو اعلان ڪرڻ جو حڪم ڏنو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏنا آهن ته صدر چونڊن جي تاريخ نه ڌئي آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي، اليڪشن جي تاريخ اهم معاملو آهي پر جنهن تاريخ نه ڏني ان کي توهين عدالت جو نوٽيس موڪليون؟

سپريم ڪورٽ ۾ 90 ڏينهن اندر عام چونڊن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل علي ظفر دليل ڏنا ته هنن پنهنجي 90 ڏينهن ۾ چونڊون ڪرائڻ واري درخواست محدود ڪري ڇڏي آهي.

چيف جسٽس چيو ته صدر خط ۾ لکيو آهي ته عدالت چونڊن جو معاملو ڏسي، ڇا صدر اهو چئي رهيو آهي ته سپريم ڪورٽ چونڊن واري معاملي جو نوٽيس وٺي؟

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته صدر خط ۾ لکيو ته عدالت به جائزو وٺي سگهي ٿي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته صدر خط ۾ چونڊن جي ڪا تاريخ ناهي ڏني، ڇا صدر آئيني ذميواري پوري ڪئي؟

بئريسٽر علي ظفر چيو ته صدر چونڊن بابت صلاح مشورا ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪئي.

جسٽس اطهر من الله چيو ته اسيمبليون 9 آگسٽ تي ٽٽيون ته صدر اليڪشن ڪميشن کي خط 2 سيپٽمبر تي ڇو لکيو؟ ڇا اليڪشن ڪميشن صدر کي چونڊڻ جي تاريخ ڏيڻ لاءِ چيو؟

علي ظفر چيو ته اليڪشن ڪميشن ته صدر کي چيو ته تاريخ ڏيڻ اوهان جو اختيار ناهي.

چيف جسٽس چيو ته ڇا هو خط آهي، جنهن ۾ صدر تاريخ ڏني؟

جسٽس اطهر من الله چيو ته صدر تاريخ جو حڪم ڏيڻو آهي، حڪومت کي نوٽيفاءِ ڪرڻو آهي،

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته صدر طرفان چونڊن جي تاريخ بابت خط غير واضح آهي.

چيف جسٽس چيو ته اسيمبلي 9 آگسٽ تي ٽٽي ته ان تي ڪو اعتراض ناهي، صدر تاريخ نه ڏني ته انهن خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي؟

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چونڊون اهم معاملو آهي، پر جنهن تاريخ ناهي ڏني، ان ڏانهن توهين عدالت جو نوٽيس موڪليو وڃي؟

چيف جسٽس چيو ته علي ظفر اوهان چئي رهيا آهيو ته صدر آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، جسٽس اطهر من الله چيو ته اوهان چئي رهيا آهيو ته اليڪشن ڪميشن صدر چونڊن جي تاريخ ڏيڻ جاپابند آهن، فرض ڪريو ته صدر تاريخ جو اعلان نه ڪري ته ڇا انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪريون؟

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته صدر اليڪشن ڪميشڻ جي 24 آگسٽ واري خط جو جواب ڏنو؟

پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته بهتر هوندو ته صدر کي انفرادي طور نه پر رياست جي سربراهه طور ڏٺو وڃي، چيف جسٽس چيو ته صدر فرد نه پر ادارو آهي.

علي ظفر چيو ته صدر موجب چونڊن جي تاريخ 7 نومبر ٿئي ٿي، چيف جسٽس چيو ته صدر چونڊن جي تاريخ ڪٿي ڏني آهي اهو ٻڌايو؟

جسٽس اطهر من الله چيو ته صدر کي اليڪشن ڪميشن ڏانهن خط لکڻ ۾ ايترو وقت ڇو لڳو؟

ٻڌڻي دوران اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ عام چونڊن جي تاريخ ڏني.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل سجيل سواتي عدالت ۾ بيان ڏنو ته 30 نومبر تائين تڪبنديون مڪمل ٿي وينديون ۽ 11 فيبروري تي عام چونڊون ڪرايون وينديون.

چيف جسٽس سوال ڪيو ته ڇا چونڊن جي تاريخ بابت صدر کي اعتماد ۾ ورتو ويو آهي؟ ڇا اليڪشن جي تاريخ بابت صدر سان صلاح ڪئي وئي؟

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ هدايت ڪئي ته  اليڪشن ڪميشن صدر سان صلاح مشورا ڪيا وڃن.

سپريم ڪورٽ حڪم نامي ۾ چيو ته عام چونڊن جو  اعلان ٿيڻ بعد تصور ڪيو وڃي ته اها پٿر تي لڪير آهي، هو چونڊن جي تاريخ تبديل ٿيڻ نه ڏيندا.

حڪم نامي موجب اليڪشن ڪميشن صدر سان ملاقات ڪري آگاهه ڪري

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.6 ° C
14.6 °
14.6 °
28 %
0.6kmh
0 %
آچر
14 °
سُومر
15 °
اڱارو
16 °
اربع
16 °
خميس
16 °

تازه ترين خبرون