موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي: مرتضيٰ سولنگي

- Advertisement -
سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي. اسلام آباد ۾ پري ڪاپ 28 بابت سيمينار کي خطاب ڪندي مرتضيٰ سولنگي چيو ته موسمياتي تبديلين جي نقصانن کان بچڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا، ايندڙ نسلن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ موسمياتي تبديليءَ سان متاثر ملڪن لاءِ عالمي برادري کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته ڌرتي موسمياتي تبديلين جي خطري کي منهن ڏئي رهي آهي، حڪومت يا ڪو ادارو اڪيلو هن مسئلي کي حل نٿو ڪري سگهي، موسمياتي تبديلي جي چئلينج کي منهن ڏيڻ لاءِ اسٽريٽجڪ ويزن جي ضرورت آهي. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته موسمياتي تبديليءَ بابت سڄي معاشري کي احساس ڪرڻو پوندو، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ کين ڪيترائي معاشرتي مسئلا سامهون آهن، جيستائين هو معاشري ۾ تبديلي نه آڻيندا تيستائين موسمياتي تبديليءَ جي خطرن کي منهن نه ڏئي سگهندا. هن چيو ته والدين، استاد ۽ ٻين طبقن کي موسمياتي تبديلين جي نقصانن کي بحث هيٺ آڻڻو پوندو، کين سڄي ڪلچرل سسٽم کي تبديل ڪرڻو پوندو ۽ ميڊيا کي موسمياتي تبديلين جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جڏهن ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻوٽا پوکڻ ۾ حصو وٺڻو پوندو. سڌ سماءَ واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته موسمياتي تبديلي سڄي انساني نظام لاءِ خطرو آهي، موسمياتي تبديلي جي حوالي سان سندن غير محفوظ ملڪ آهي، جڏهن ته موسمياتي تبديلي جي خطرن ۾ سندن ڪو ڪردار ناهي پر ان جي تباهي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
27%
0.4m/s
0%
اربع
23 °
خميس
31 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون