اليڪشن ڪميشن 15 آگسٽ کان 7 سيپٽمبر تائين صوبي ۾ اڻ اعلانيل بدلين بابت سنڌ حڪومت کان جواب طلب ڪري ورتو.
اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ايس جي اي ۽ سي ڊي کان هر کاتي ۾ ٿيل بدلين بابت تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.
اليڪشن ڪميشن 24 ڪلاڪن اندر آفيسرن کان قسم نامه ۽ جواب لاءِ جاري ڪيل پروفارما فارميٽ پڻ طلب ڪيا آهن.
ايس جي اي اينڊ سي ڊي جي سيڪريٽري هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار، نگران وڏي وزير ۽ گورنر هائوس کان جوب طلب ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.
چيف سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ پوليس سميت سمورن کاتن جي سيڪريٽرين توڙي چيئرمينن کان به تفصيل طلب ڪيا ويا آهن.
خط جي متن موجب اليڪشن ڪميشن جي پڇاڻي جو مقصد 24 ڏينهن اندر بنا اختيار بدليون غير قانوني آهن، اليڪشن ڪميشن جي اجازت کانسواٰءِ مقرريون ۽ بدليون ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.