- Advertisement -
صدر عارف علوي چيو آهي ته اليڪشن ۾ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين هجي ها سندن ملڪ هن بحران کان بچي وڃي ها.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي ٽوئٽ ڪندي صدر عارف علوي چيو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن لاءِ سندن جدوجهد کي ياد رکيو ويندو.
هن چيو ته اي وي ايم ۾ ڪاغذي بيلٽ هئا، جنهن کي هٿ سان ڳڻي سگهجي پيو پر هُن ۾ هڪ الڪٽرانڪ ڪيلڪوليٽر ڪائونٽر به هو.
صدر عارف علوي چيو ته اي وي ايم ۾ هر ووٽ لاءِ دٻائڻ واري بٽڻ سان گڏوگڏ ڳڻپ جي سهولت به موجود هئي، هر اميدوار جو نتيجو پولنگ ختم ٿيڻ جي پنجن منٽن اندر دستياب هجي ها ۽ پرنٽ به ٿي وڃي ها.
هن چيو ته اي وي ايم سسٽم لاءِ هنن ايوان صدر ۾ 50 کان وڌيڪ گڏجاڻيون ڪيون جيڪي ناڪام ٿي ويون..- Advertisement -
