- Advertisement -
مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف، ليگي اڳواڻ مريم نواز، استحڪام پارٽي جي عليم خان ۽ عطا تارڙ جا چونڊ نتيجا عدالت ۾ چئلينج ڪيا ويا آهن.
اين اي 130 لاهور مان نواز شريف جي ڪاميابي چئلينج ڪئي وئي.
پاڪستان تحريڪ انصاف جي حمايت يافته آزاد اميدوار ڊاڪٽر ياسمين راشد جي وڪيل اشتياق چوڌري لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ نوازشريف جي ڪاميابي خلاف درخواست داخل ڪئي.
درخواست ۾ رٽرننگ آفيسر ۽ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف فارم 45 موجب اليڪشن هارائي چڪو آهي.
ياسمين راشد درخواست ۾ الزام هنيو ته نواز شريف ڳٺجوڙ سان فارم 47 ۾ پاڻ کي ڪامياب قرار ڏنو، عدالت فارم 45 موجب نتيجا جاري ڪرڻ جو حڪم ڏئي.
ٻي پاسي لاهور جي قومي تڪ اين اي 119 تي مريم نواز جي ڪاميابي کي پڻ چئلينج ڪيو ويو آهي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار شهزاد فاروق موقف اختيار ڪيو ته پرزائيڊنگ آفيسرن فارم 45 ناهي ڏنو، رٽرننگ آفيسر جي غير موجودگي ۾ نتيجا تيار ڪري جاري ڪيا ويا، هو مريم نواز کان کٽي ويو هو پر ڌانڌلي ڪري کيس هارايو ويو.
درخواست ڏيندڙ چيو ته عدالت رٽرننگ آفيسر کي فارم 47 ٻيهر تيار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ۽ مريم نواز جي ڪاميابي جو نتيجو ڪالعدم قرار ڏئي.
ان کانسواءِ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 117 تان عليم خان جي ڪاميابي کي چئلينج ڪندي لاهور هاءِڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ رٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موفق اختيار ڪيو ويو ته عيلم خان فارم 45 موجب هارائي چڪو آهي، هن ڳٺجوڙ ڪري فارم 47 ۾ پاڻ کي ڪامياب قرار ڏنو، فارم 45 جا نتيجا وٽن موجود آهن، عدالت فارم 45 موجب نتيجا جاري ڪرڻ ۽ اليڪشن ڪميشن کي قطعي نتيجا جاري ڪرڻ کان روڪڻ جو حڪم ڏئي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 127 تان عطا تارڙ جي ڪاميابي کي به چئلينج ڪيو ويو آهي.
درخواست ڏيندڙ ظهير عباس کوکر طرفان رٽرننگ آفيسر، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو.
درخواست ۾ چيو ويو ته عطا تارڙ فارم 45 موجب چونڊن ۾ هارائي چڪو آهي، هن ڳٺجوڙ ڪري فارم 47 ۾ پاڻ کي فاتح قرار ڏنو، عدالت کي درخواست آهي ته قطعي چونڊ نتيجا روڪيا وڃن.
قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 118 تان ليگي اڳواڻ حمزه شهباز جي ڪاميابي کي پڻ چئلينج ڪيو ويو.
درخواست ڏيندڙ عدالت کي اپيل ڪئي ته اليڪشن ڪميشن کي قطعي نتيجا روڪڻ جو حڪم ڏنو وڃي ۽ فارم 47 جا نتيجا ڪالعدم قرار ڏنا وڃن.
قومي اسيمبلي جي تڪ 126 تان سيف الله الملوڪ کوکر جي ڪاميابي به لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي وئي.
ملڪ توقير کوکر طرفان درخواست ۾ آر او، اليڪشن ڪميشن سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو.
هوڏانهن پي ٽي آءِ جي راولپنڊي ۾ حمايت يافته اميدوارن به هاءِ ڪورٽ راولپنڊي بينچ سان رابطو ڪري چونڊ نتيجن کي چئلينج ڪيو آهي.
اڳوڻي قانون واري وزير بشارت راجا اين اي 55، سيمابيه طاهر اين اي 57 ۽ شهريار رياض اين اي 56 جا نتيجا چئلينج ڪيا آهن- Advertisement -
