تازه ترين

امريڪا اسرائيل جي فوجي امداد وڌائڻ جو فيصلو

آمريڪا اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪرڻ ۽ فوجي امداد وڌائڻ  جو اعلان ڪري ڇڏيو، جوبائيڊن چيو آهي ته آمريڪا اسرائيل جي فوجي امداد وڌائي رهيو آهي، فوجي امداد ۾ هٿيار ۽ گولا بارود شامل آهي.

اسرائيل جي صورتحال تي آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته هـُو ڪانگريس کان اسرائيل جي مدد لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندو.

هن چيو ته اسرائيل تي حماس جي حملن کانپوءِ امڪاني علائقائي خطرن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، آمريڪا اسرائيل جي پويان بيٺل آهي.

سندس چوڻ هو ته اسرائيل جي دفاعي ضرورتن کي يقيني  بڻايو ويندو، حماس دهشتگرد تنظيم آهي، اسرائيل تي سندس حملو شيطاني قدم هو.

امريڪي صدر جوبائيڊن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۾ 14 آمريڪي مارجي ويا آهن، آمريڪا اسرائيل سان گڏ آهي، حملن جو جواب ڏيڻ اسرائيل جو حق ۽ فرض آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
110,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
31.4 ° C
31.4 °
31.4 °
24 %
7kmh
6 %
خميس
32 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون