آمريڪا اسرائيل کي هٿيار فراهم ڪرڻ ۽ فوجي امداد وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جوبائيڊن چيو آهي ته آمريڪا اسرائيل جي فوجي امداد وڌائي رهيو آهي، فوجي امداد ۾ هٿيار ۽ گولا بارود شامل آهي.
اسرائيل جي صورتحال تي آمريڪي صدر پنهنجي بيان ۾ چيو ته هـُو ڪانگريس کان اسرائيل جي مدد لاءِ فوري قدم کڻڻ جو مطالبو ڪندو.
هن چيو ته اسرائيل تي حماس جي حملن کانپوءِ امڪاني علائقائي خطرن کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، آمريڪا اسرائيل جي پويان بيٺل آهي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل جي دفاعي ضرورتن کي يقيني بڻايو ويندو، حماس دهشتگرد تنظيم آهي، اسرائيل تي سندس حملو شيطاني قدم هو.
امريڪي صدر جوبائيڊن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۾ 14 آمريڪي مارجي ويا آهن، آمريڪا اسرائيل سان گڏ آهي، حملن جو جواب ڏيڻ اسرائيل جو حق ۽ فرض آهي.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9
°
C
9
°
9
°
27%
2m/s
0%
خميس
20
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
15
°


