تازه ترين

امريڪا جو ڀارت سان نئين واپاري ڊيل جو اعلان، نئون معاهدو ماضي کان بلڪل مختلف هوندو: صدر ٽرمپ

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت سان نئين واپاري ڊيل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. امريڪي صدر وائيٽ هائوس ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته هو ڀارت سان هڪ معاهدو ڪرڻ وڃي رهيا آهن جيڪو ماضي کان بلڪل مختلف هوندو. صدر چيو ته ڀارت مرحليوار روس کان تيل خريداري ختم ڪري رهيو آهي، هو ڪنهن به وقت ڀارت تي لڳايل ٽيرف گھٽ ڪندا. هن چيو ته ڀارت هن وقت کيس پسند نٿو ڪري پر جلد ئي ٻيهر پسند ڪندا. صدر ٽرمپ سرجيو گور کي ڀارت لاءِ نئون امريڪي سفير مقرر ڪيو، هن ڀارت لاءِ امريڪي سفير جي حيثيت سان عهدي جو قسم کنيو. امريڪي صدر جو چوڻ هو ته شامي صدر جا ترڪيه جي صدر سان سٺا لاڳاپا آهن، هو اسرائيل سان گڏجي شام سان لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن. شٽ ڊائون جي حوالي سان ڳالهائيندي امريڪي صدر چيو ته کيس ڊيموڪريٽس جي حمايت حاصل آهي جلد شٽ ڊائون ختم ٿي ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
9.1 ° C
9.1 °
9.1 °
17 %
2.2kmh
0 %
اڱارو
9 °
اربع
18 °
خميس
18 °
جمعو
19 °
ڇنڇر
19 °

تازه ترين خبرون