تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي غير قانوني هٿيارن تائين پهچ پاڙيسري ملڪن لاءِ سڌي ريت خطرو آهي : عاصم افتخار

- Advertisement -
گڏيل قومن ۾ مقرر پاڪستان جي مستقل نمائند عاصم افتخار چيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگرد گروپن جي غير قانوني هٿيارن تائين پهچ پاڙيسري ملڪن لاءِ سڌي ريت خطرو آهي. اقوام متحده جي سلامتي ڪائونسل ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار افغانستان ۾ جديد هٿيارن ۽ بارود جي ذخيرن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. پاڪستاني نمائندي چيو ته دهشتگرد افغانستان مان کلئي عام ڪارروايون ڪري رهيا آهن، تصديق ٿيل اطلاع آهن ته اهي دهشتگردي جي مقصدن لاءِ پاڙيسري ملڪن ۾ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان طرفان افغانستان سرحد تان پڪڙيل نهايت خطرناڪ هٿيار پرڏيهي فوج جي افغانستان مان واپسي کانپوءِ ڇڏيو ويو هو. عاصم افتخار سلامتي ڪائونسل کي ٻڌايو ته افغانستان ۾ موجود دهشتگرد گروپ، خاص طور تي پابندي مڙهيل داعش، تحريڪ طالبان پاڪستان، بلوچ لبريشن آرمي ۽ مجيد بريگيڊ اهي جديد هٿيار پاڪستان جي عام شهرين ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن خلاف استعمال ڪري رهيا آهن، جنهن سبب هزارين بيگناهه جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. هن عالمي برادري تي زور ڀريو ته دهشتگرد گروپن کي هٿيارن تائين پهچ روڪڻ لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن ۽ اهو يقيني بڻايو وڃي ته افغان عبوري عملدار پنهنجن عالمي واعدن ۽ ذميوارين تي عمل ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
24 %
2kmh
70 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون