تازه ترين

امريڪا پاران جڙانوالا ۾ چرچ ۽ مسيحي برادري مٿان حملي تي ڳڻتي جو اظهار

امريڪا جڙانوالا ۾ چرچ ۽ مسيحي برادري مٿان حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

امريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گرجا گهرن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته امريڪا پر امن اظهار جي آزادي ۽ هر هڪ لاءِ مذهب ۽ عقيدي جي آزادي جي حق جي ڳالهه ڪندو آهي.

ويدانت پٽيل وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عملدار واقعي جي مڪمل جاچ ڪن ۽ تشدد ۾ ملوث ڌريون پرامن رهن.

واضع رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جي شهر جڙانوالا ۾ توهين مذهب جي مبينا واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ مڇريل ماڻهن ڪرسچن ڪالوني ۽ عيسى نگري ۾ 4 گرجا گهرن، مسيحي برادري جي گهرن ۽ ملڪيتن کي باهه ڏني هئي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
23 ° C
23 °
23 °
44 %
4.6kmh
13 %
سُومر
23 °
اڱارو
26 °
اربع
27 °
خميس
29 °
جمعو
28 °

تازه ترين خبرون