تازه ترين

امريڪا پاران جڙانوالا ۾ چرچ ۽ مسيحي برادري مٿان حملي تي ڳڻتي جو اظهار

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

امريڪا جڙانوالا ۾ چرچ ۽ مسيحي برادري مٿان حملي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.

امريڪي پرڏيهي کاتي جي نائب ترجمان ويدانت پٽيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ گرجا گهرن کي نشانو بڻائڻ تي ڳڻتي آهي.

هن چيو ته امريڪا پر امن اظهار جي آزادي ۽ هر هڪ لاءِ مذهب ۽ عقيدي جي آزادي جي حق جي ڳالهه ڪندو آهي.

ويدانت پٽيل وڌيڪ چيو ته پاڪستاني عملدار واقعي جي مڪمل جاچ ڪن ۽ تشدد ۾ ملوث ڌريون پرامن رهن.

واضع رهي ته گذريل ڏينهن پنجاب جي ضلعي فيصل آباد جي شهر جڙانوالا ۾ توهين مذهب جي مبينا واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ مڇريل ماڻهن ڪرسچن ڪالوني ۽ عيسى نگري ۾ 4 گرجا گهرن، مسيحي برادري جي گهرن ۽ ملڪيتن کي باهه ڏني هئي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.5 ° C
24.5 °
24.5 °
56 %
6.3kmh
31 %
خميس
24 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
33 °
آچر
34 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون