پوليس جي تحويل ۾ ورتل چرس ڪوئا کائي ويا
امريڪا ۾ حيران ڪندڙ واقعو پيش آيو آهي، پوليس جي حفاظتي تحويل ۾ موجود چرس ڪوئا کائي ويا.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اھو واقعو آمريڪي رياست لوزيانا جي شھر نيو اورلينز ۾ پيش آيو، جتي پوليس جي پراڻي نيو اورلينز ھيڊ ڪوارٽر جي عمارت ۾ ڪوئن، لال بيگن ۽ اُڏهيءَ جو راڄ قائم آهي.
ميڊيا رپورٽس موجب، پوليس چيف ھيڊ ڪوارٽر جي خراب حالت تي ٻڌايو ويو ته اھا عمارت 1968ع ۾ ٺھي هئي، اسپري نه ٿيڻ ڪوئن جو گند موجود ھوندو آھي.
پوليس چيف وڌيڪ چيو ته پوليس جي حفاظتي تحويل ۾ رکيل چرس به ڪوئا کائي ويا.
ميڊيا رپورٽس موجب هو عارضي طور آفيس ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻ جي منظوري لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏھن ته نئين ھيڊ ڪوارٽر جي رٿابندي ڪئي پئي وڃي….