- Advertisement -
امريڪي رياست ڪليفورنيا جي شهر لاس اينجلس جي اتر جي ٻيلن ۾ نئين باهه لڳي وئي.
پرڏيهي خابرو ايجنسي موجب، ڪاسٽائڪ ليڪ ويجهو جبلن تي باهه جا شعلا اڏي رهيا آهن ۽ تيزي سان پکڙجي رهي آهي جنهن سبب 25 هزار ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي جڏهن ته 5 سئو قيدين کي ٻين جيلن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، هيليڪاپٽرن ۽ ننڍن جهازن ذريعي باهه وسائڻ جون ڪوششون ڪيون پيون وڃن.
ياد رهي ته لاس اينجلس پهريان ئي خوفناڪ باهه سبب تباهڪارين کي منهن ڏئي رهيو آهي.
7 جنوري کان لاس اينجلس ۾ مختلف هنڌن تي لڳل باهه تي ضابطو آڻڻ جون ڪوششون اڃا تائين جاري آهي، باهه وڏي پيماني تي تباهي مچائييندي 40 هزار ايڪڙ کي ساڙي خاڪ ڪري ڇڏيو آهي جنهن ۾ 27 ڄڻا حياتيون وڃائي ويٺا آهن.- Advertisement -
