امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس يوڪرين جنگ بندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ روس يوڪرين جنگ بندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڊيل نه ڪرڻ تي روس مٿان پابنديون لڳائڻ ۽ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني. پنهنجي خطاب ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته پيوٽن، ڊيل ڪري ۽ ان کـِل جوڳي جنگ کي روڪي، ته جيئن وڌيڪ جانيون ضايع نه ٿيڻ گھرجن، هي جنگ بندي معاهدي جو مناسب وقت آهي. هن وڌيڪ چيو ته روسي معيشت ناڪام ٿي رهي آهي، روس کي نقصان پهچائڻ نٿو چاهي، پيوٽن سان سٺا لاڳاپا آهن، قسم کڻڻ بعد ٽرمپ روسي صدر پيوٽن سان ذاتي طور تي رابطو ڪرڻ جو اشارو ڏنو هو. ٻئي پاسي صدر ڊونلڊ ٽرمپ امريڪي فوج ۾ ٽئين جنس جي نوڪري تي پابندي لڳائي ڇڏي. صدر ٽرمپ جن حڪم نامن تي صحيح ڪئي آهي انهن ۾ ان حڪمنامي کي رد ڪرڻ جو حڪم به شامل آهي جيڪو 2021 ۾ جوبائيڊن جاري ڪيو هو. ان حڪمنامي ۾ قابليت رکندڙ سڀني امريڪين کي رودي ۾ ملڪ جي خدمت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. صدر ٽرمپ پنهنجي پهرين صدارتي دور ۾ ٽئين جنس جي فوج ۾ ملازمت ڪرڻ تي پابندي لڳائي هئي. امريڪي ميڊيا موجب، هن وقت 9 هزار 14 ٽرانس جينڊر امريڪي فوج جو حصو آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.6 ° C
10.6 °
10.6 °
27%
2.3m/s
6%
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون