تازه ترين

امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيل روانو ٿي ويو

امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ ختم ڪرائڻ ۽ يرغمالين جي بازيابي لاءِ اسرائيل روانو ٿي ويو.

روانگي کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي امريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هو دوري دوران علائقي امريڪي اتحادين سان گڏجي يرغمالين جي آزادي يقيني بڻائڻ جي ڪوشش ڪندو، انهن ۾ ڪجهه امريڪي شهري به ٿي سگھن ٿا.

هڪ سوال جي جواب ۾ بلنڪن چيو ته اسرائيل عالمي قانون جو احترام ڪري ٿو ۽ شهرين جون زندگيون بچائڻ جون ڪوششون ڪري رهيو آهي.

ٻئي پاسي وائٽ هائوس جي ترجمان جان ڪربي جو چوڻ آهي ته امريڪا غزه ۾ رهندڙن لاءِ محفوظ رستي تي ڪم ڪري رهيو آهي،اسرائيلي ۽ مصري عملدارن سان ڳالهيون هلي رهيون آهن.

ترجمان وائيٽ هائوس موجب، حماس جيڪو ڪجهه ڪيو ان جا فلسطيني شهري ذميوار نه آهن، يرغمالين جي آزادي لاءِ ڪوششن تي قطر سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۾ 22 امريڪي شهري مارجي ويا ۽ 17 لاپتا آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
15.8 ° C
15.8 °
15.8 °
12 %
2.1kmh
4 %
سُومر
15 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون