تازه ترين

امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن جي چيني صدر شي جن پنگ سان ملاقات

- Advertisement -
آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن ٽن ڏينهن جي دوي تي چين پهتل آهي جتي هن چيني صدر شي پنگ سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ اسرائيل-حماس ۽ روس يوڪرين جنگ سميت ايران جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي خابرو اداري موجب امريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ سان ملاقات ڪئي ۽ يوڪرين جنگ ۾ روس جي حمايت تي ڳڻتي جو اظهار  ڪيو. ان موقعي تي چيني صدر شي جن پنگ چيو ته چين ۽ امريڪا کي اختلاف ختم ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي، چين آمريڪا جي خوشحالي ۽ پراعتمادي تي خوش آهي، اميد آهي ته آمريڪا به چين جي ترقي تي هاڪاري نظر رکندو، هاڻي به ڪيترائي مسئلا آهن جن کي حل ڪرڻ گهرجي. ان کان اڳ انٽوني بلنڪن چيني هم منصب وانگ يي سان پڻ ملاقات ڪئي ۽ ايران جي مدد ڪرڻ وارين رپورٽن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن مطالبو ڪيو ته چين روس کي جنگي هٿيارن ۽ سامان جي فراهمي بند ڪري. چيني پرڏيهي وزير آمريڪا طرفان تائيوان کي فوجي امدادي پيڪيج جي منظوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هي چين جي ريڊ لائين آهي جنهن کي پار نه ڪيو وڃي…….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24.3 ° C
24.3 °
24.3 °
44 %
1.4kmh
41 %
اڱارو
24 °
اربع
34 °
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
29 °

تازه ترين خبرون