وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته انتهاپسندي قبول ناهي، ڏڦيڙ پکڙيندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، فيض آباد ايندڙ سمورن ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته اسلام آباد ۾ موبائل فون سروس هلي رهي آهي، صرف انٽرنيٽ بند ڪيو ويو آهي، پنجاب ۾ هن ڀيري روڊ ايترا بند ناهن جيترا گذريل ڀيري بند ٿيا هئا.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهي وفد جي آمد وقت جيڪو ڏڦيڙ پکڙيندو کيس گرفتار ڪيو ويندو، پرڏيهي مهمانن جي آمد تي وڳوڙن کي قبول ناهن.
وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو ته اسلام آباد جي امن امان کي قائم رکڻو آهي، سموري حڪمت عملي نٿا ٻڌائي سگهن.
هن چيو ته هر مهيني ڪاهه ڪرڻ سبب ملڪ کي نقصان ٿئي ٿو.
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
17.7
°
C
17.7
°
17.7
°
16%
2.5m/s
0%
ڇنڇر
17
°
آچر
17
°
سُومر
17
°
اڱارو
17
°
اربع
17
°


