- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ڪرم ايجنسي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ڪي پي گورنر کان ڪرم ضلعي جي صورتحال تي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
هڪ بيان ۾ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪرم ضلعو بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙي رهيو آهي، ڪي پي حڪومت صوبي مان گم آهي.
پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ڪرم ضلعي ۾ ٽن ڏينهن ۾ 80 شهري قتل ٿي ويا، ماڻهو گهرن ۾ به محفوظ ناهن، بدامني دوران حڪومت جو خاموش تماشائي بڻجڻ دهشتگردن جي اتحادي هئڻ برابر آهي.
بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته امن امان قائم ڪرائڻ صوبائي حڪومتن جي پهرين ترجيح آهي، پي ٽي آءِ حڪومت شهرين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڪي پي ۾ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ پ پ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي، ڪي پي کي ايئن بدامني جي باهه ۾ سڙندي نٿا ڏسي سگهن.- Advertisement -
