انڊونيشيا ۾ چونڊ قانونن ۾ تجويز ڪيل ترميم خلاف احتجاج ڪندڙن پارليامينٽ تي حملو ڪري ڏنو.
پرڏيهي خابرون اداري موجب انڊونيشيا جي صدر جوڪويدود ۽ ان جي پارليمنيٽ ميمبرن طرفان چونڊ قانونن ۾ ترميم لاءِ پيش ڪيل تجويز خلاف انڊونيشيا جي مختلف شهرن ۾ عوام ٻاهر نڪري آيو.
انڊونيشيا ۾ چونڊ قانونن ۾ترميم خلاف هڪ هفتي کان احتجاج جاري آهي.
انڊونيشيا جي اليڪشن ڪميشن ۽ پارليمينٽ ٻاهران وڏي تعداد احتجاج ڪندڙ موجود هئا.
پارليامنيٽ جي ٻاهران جمع ٿيل احتجاج ڪندڙ کي ڇڙ وڇڙ ڪرڻ لاءِ پوليس طرفان ڳوڙها آڻيندڙ ۽ واٽر ڪينن جو به استعمال ڪيو ويو ۽ 300 کان وڌيڪ احتجاج ڪندڙن کي گرفتار به ڪيو ويو.
گذريل ڏينهن احتجاج ڪندڙن طرفان پارليمينٽ تي حملو ڪيو ۽ اندر داخل ٿيڻ جي به ڪوشش ڪئي هئي.
گذريل ڏينهن احتجاج جي ڪري پارليمينٽ ۾چونڊ قانون ۾ ترميم لاءِ تجويز ڪيل اميدوارن جي اهليت جي حوالي سان قانون ۾ ترميم تي بحث ٿيڻو هو، جيڪو ڪورم پورو نه هئڻ ڪري نه ٿي سگهيو.
انڊونيشيا ۾ چونڊ قانونن ۾ تجويز ڪيل ترميم خلاف احتجاج ڪندڙن پارليامينٽ تي حملو
لاڳاپيل خبرون
Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.2
°
C
10.2
°
10.2
°
26%
0.8m/s
0%
خميس
10
°
جمعو
19
°
ڇنڇر
18
°
آچر
17
°
سُومر
17
°


