پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪيئر ٽيڪر، چيئر ٽيڪر بڻجندو ته ان تي اعتراض آهي، ملڪ کي مسئلن ۾ جمهوري قيادت ئي ڪڍي سگهي ٿي، هو گهر جي معاملن ۾ آصف زرداري جي ڳالهين جو پابند آهي، سياسي معاملن ۾ سي اي سي جي فيصلن تي عمل ٿيندو، پيپلزپارٽيءَ جو ڪو به سياسي مخالف ناهي، سندن مقابلو غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، عوام پريشان ۽ تڪليفن ۾ آهي، ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عوام جي ساٿ جي ضرورت آهي.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداريءَ عوامي رابطا مهم شروعات ڪري ڇڏي آهي، ڌاٻيجي، گهگهر، گــُجو، ٺٽي، ملڪي، سجاول، ماتلي ۽ بدين سميت ٻين هنڌن تي پ پ چيئرمين جو قافلو پهچڻ تي سندس شاندار آجيان ڪئي وئي ۽ ڪارڪنن پارٽي چيئرمين جي قافلي تي گلن ورکا ڪري پارٽي گيتن تي رقص ڪيو.
بدين ۾ مختلف هنڌن تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معاشي حالتون ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهيون آهن، نگران حڪومت پئٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ گهٽتائي ڪري سگهي ٿي ته ڪري.
هن چيو ته ڪيئر ٽيڪرن تي ڪو اعتراض ناهي، پر ڪيئر ٽيڪر چيئر ٽيڪر بڻجندو ته ان تي اعتراض ٿيندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سمورن ملڪي مسئلن جو حل رڳو جمهوريت ۾ ئي آهي، عوام کي پنهنجي مسئلن جي حل لاءِ پ پ جو ساٿ ڏيڻ گهرجي.
پ پ چيئرمين چيو ته هو گهر جي معاملن ۾ آصف زرداري جي ڳالهين جو پابند آهي، سياسي معاملن ۾ سي اي سي جي فيصلن تي عمل ٿيندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئين تحت 90 ڏينهن اندر عام چونڊون ضروري آهن.
هن چيو ته پرڏيهي وزارت سنڀالي ته ڏينهن رات ڪم ڪيو، خبر پئي ڪرڪيٽر وزيراعظم بڻائڻ تي دنيا سان لاڳاپا خراب ڪيا، ناراض ملڪن کي پرچايو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پي ڊي ايم حڪومت پندرهن مهينن دوران ملڪ کي بحرانن مان ڪڍيو، تاريخي مهانگائي ۽ بيروزگاري عوام پريشان ۽ تڪليفن ۾ آهي، ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍڻ ۽ مسئلا حل ڪرڻ لاءِ عوام جي ساٿ جي ضرورت آهي.
پ پ چيئرمين چيو ته پيپلزپارٽيءَ جو ڪو به سياسي مخالف ناهي، سندن مقابلو غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري آهي، هو قائد عوام جو واعدو پورو ڪرڻ چاهي ٿو، بيروزگارن کي روزگار، بي گهرن کي گهر ڏنو ويندو.
هن چيو ته مڪاني ادارن جي چونڊن ۾ سازشي عنصرن جو خاتمو ڪيو